ديوان ٽهلرام کيمچند

ديوان ٽهلرام کيمچند

ديوان ٽهلرام کيمچند

ديوان ٽهلرام کيمچند: ديوان ٽهلرام ولد کيمچند 1836ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والد ڪراچيءَ جو مشهور واپاري هو. هيءُ ٺٽي جي وزيراڻي خاندان مان هو. بندر روڊ تي ٺٽائي ڪمپائونڊ انهن وزيراڻين جو ٺهرايل آهي. ديوان ٽهلرام کيمچند ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ بمبئي ويو، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ ان وقت ڪو به ڪاليج نه هو. سنڌ ۾ پهريون ڪاليج ڊي. جي ڪاليج (سنڌ آرٽس ڪاليج) ڪراچي ۾ 1887ع ۾ قائم ٿيو. 1887ع تائين سنڌ مان ڪل 16 شاگرد بمبئيءَ مان بي. اي جو امتحان پاس ڪري چڪا هئا، جن مان هڪ ديوان ٽهلرام کيمچند به هو، جنهن 1889ع ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيو، هتان جي ماڻهن بمبئيءَ وڃڻ وقت پيش ايندڙ تڪليفن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ ڪاليج لاءِ ڪوششون ورتيون، انهيءَ تحريڪ جي اڳينءَ صف ۾ ٻين سان گڏ ديوان ٽهلرام چندو گڏ ڪرڻ کان وٺي حڪومتي لکپڙهه تائين هر سطح تي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو، انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ 17 جنوري 1887ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو ۽ ڪاليج جي پهرئين بورڊ جي مقرري ٿي ته هيءُ به ڪاليج ۾ غير سرڪاري ميمبر چونڊيو ويو. ڪراچيءَ ۾ بلدياتي نظام جي چونڊن ۾ ديوان ٽهلرام شاگرديءَ واري دور ۾ حصو ورتو، ديوان ٽهلرام کيمچند 1886ع ۾ بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ سٺي وڪيل طور نالو ڪمايائين. 1882ع ۾ هن ’سنڌ سڀا‘ ٺاهي، جنهن ۾ سيٺ هرچندراءِ، ديوان اڌارام مولچند، حسن علي آفندي ۽ يوسف علي ميمبر ٿيا. ان دور ۾ هيءَ پهرين تنظيم هئي، جنهن ۾ هر مذهب ۽ فرقي جا ماڻهو شامل هئا. ان جماعت سنڌ جي سياسي، زرعي، تعليمي ۽ سماجي مسئلن تي ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي سطح تي ديوان ٽهلرام کيمچند، سيٺ هرچندراءِ ۽ بنگال جي اديب ۽ صحافي ناگيندر گپتا ڪراچيءَ ۾ هڪ سنگت جو بنياد رکيو هو، جنهن کي سنڌ سڀا جي حمايت حاصل هئي، ان پليٽفارم قائم ڪرڻ جو مقصد ڪراچي شهر جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، کين ميونسپالٽيءَ جي سطح تي سرڪاري ميمبرن جي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ ۽ خاص طور تعليم پاسي ڌيان ڏيڻ هو. هن سنگت جي پليٽفارم تان گڏجاڻين، ليڪچرن، ثقافتي ۽ سماجي پروگرامن ۽ جلسن ۽ ناٽڪن وسيلي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي. 1887ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي چونڊن ۾ ديوان ٽهلرام کيمچند، سيٺ هرچند راءِ ۽ ناگيندر گپتا کي ڪاميابي ملي. عوامي خدمتن جي بنياد تي ديوان ٽهلرام کيمچند کي مارچ 1896ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ميونسپالٽيءَ جي قائم ٿيڻ يعني 1852ع کان وٺي 1896ع تائين جملي 26 صدر ٿي گذريا هئا، جنهن مان هي ٻيو سنڌي صدر هو، باقي سڀئي صدر انگريز رهيا هئا. 1896ع ۾ ڪراچي شهر ۾ پليگ جي مرض منهن ڪڍيو، تڏهن ديوان ٽهلرام صدر جي حيثيت ۾ ميونسپالٽيءَ جا ترقياتي ڪم روڪي، سرڪاري بجيٽ ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ خرچ ڪئي ۽ ان کانسواءِ سرنديءَ وارن وٽان چندو ڪري مفت علاج ۽ کاڌي جون ڪيمپون قائم ڪيائين.
پليگ جو مرض 1897ع ۾ ٻيهر ظاهر ٿيو. 1896ع جي ڀيٽ ۾ اهو وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو، هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ديوان ٽهلرام کيمچند پنهنجي پوري ٽيم سان ان مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سندس انهن خدمتن جي عيوض سرڪار 21 مئي 1998ع تي ديوان ٽهلرام کيمچند کي سي. ايل. اي (C.L.E) جو خطاب ڏنو. شروع ۾ ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي ۽ پوءِ سيٺ هرچند راءِ وشنداس پارواڻي ڪراچي ميونسپالٽيءَ کي هڪ آدرشي ميونسپالٽي بنائڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، ٽهلرام کيمچند جي خدمتن جي اعتراف طور سيٺ هرچند راءِ برنس روڊ سان گڏ ٽهلرام کيمچند نالي سان هڪ ڌرمشالا ٺهرائي ۽ اهو پورو علائقو ٽهلرام مسافر خاني جي نالي سان مشهور ٿيو. ديوان ٽهلرام کيمچند ميونسپالٽيءَ جي ذريعي خدمتن ۽ سماجي ڪمن ڪرڻ کان سواءِ ملڪي سياست ۾ به حصو ورتو، ديوان ٽهلرام سياستدان سماج سڌار ۽ وڪيل سان گڏ هڪ صحافي ۽ اديب به هو. 1866ع ۾ سنڌ سرڪار پاران هفتيوار اخبارسنڌ سڌارجاري ڪئي وئي. اڳتي هلي اها اخبار سنڌ سڀا جي هٿ هيٺ آئي ۽ اڳتي هڪ ٻي هفتيوار انگريزياخبار سنڌ ٽائيمز‘ جي نالي سان 1889ع ۾ جاري ٿي. هنن ٻنهي اخبارن جو ايڊيٽر ديوان ٽهلرام ٿيو، ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ انهن ۽ ٻين اخبارن ۾ مضمون لکندو هو. ڪراچيءَ جي قومي ڪارڪن، اديب ۽ صحافي ديوان ٽهلرام کيمچند 72 سالن جي ڄمار ۾ آڪٽوبر 1905ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ديوان ٽهلرام کيمچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887.01.17  عيسوي

سنڌ ۾ ڪاليج لاءِ ڪوششون ورتيون، انهيءَ تحريڪ جي اڳينءَ صف ۾ ٻين سان گڏ ديوان ٽهلرام چندو گڏ ڪرڻ کان وٺي حڪومتي لکپڙهه تائين هر سطح تي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو، انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ 17 جنوري 1887ع تي ڪاليج جو افتتاح ٿيو


1998.05.21  عيسوي

سندس انهن خدمتن جي عيوض سرڪار 21 مئي 1998ع تي ديوان ٽهلرام کيمچند کي سي. ايل. اي (C.L.E) جو خطاب ڏنو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو محمد يوسف خان
ڏيرو رسول بخش
مولانا محمد علي سنڌي
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
عبدالباقي صديقي بکري
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
سلطان محمود خان بکري
تغلق غياث الدين بلبن
گل محمد تنيو
جيمس لوئيس مينس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون